ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عمران کوسو) ڪنڌڪوٽ ويجهو ٽن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿيل 2 ڄڻن جي اغوا جي تصديق، ڌاڙيلن جو وارثن کي فون، 20 لک رپيا ڀنگ طلب، پوليس ۾ حدبندي و تڪرار، ڪارروائي نه ڪئي. .خبر موجب 3 ڏينهن اڳ ڪچي جي علائقي ۾ واسطيدارن ڏانهن عذرخواهي لاءِ ويندڙ نواب مهمداڻي ۽ عابد مهمداڻي پراسرار نموني گم ٿي ويا هئا، جن جي اغوا جي تصديق ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ مغوين جي وارثن فدا مهمداڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته ٻئي ڄڻا ڪچي ۾ واسطيدارن ڏانهن عذرخواهي تي ويندي پراسرار نموني گم ٿي ويا هئا، جنهن بابت پوليس کي اطلاع ڪيو هو، هنن چيو ته ٻنهي ڄڻن کي ڌاڙيلن اغوا ڪري ورتو آهي. هنن ٻڌايو ته ڌاڙيلن فون ڪري ٻنهي ڄڻن جو 20 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي، جڏهن ته ميڙن منٿن بعد 8 لک ڀنگ گهري رهيا آهن. هنن چيو ته پوليس سان رابطي ۾ آهيون، پوليس چيو آهي ته ڪوشش ڪيون ٿا، مغوين جي بازيابي جلد عمل ۾ اچي ويندي. هوڏانهن ضلعي ڪشمور ۽ شڪارپور پوليس وچ ۾ حدبندي تڪرار سبب مغوين جي بازيابي لاءِ اڃا تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ٿي سگهي، ان ڏس ۾ شڪارپور پوليس جو چوڻ آهي ته مغوي ڪنڌڪوٽ جي ڪچي مان اغوا ٿيا آهن، جڏهن ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ پوليس موقف اختيار ڪيو آهي ته ٻنهي ڄڻن کي ڌاڙيل شڪارپور جي ڪچي ڳڙهي تيغو مان کڻي ويا آهن.