ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ويجهو زورڳڙ واري علائقي ڳوٺ روهل گولو ۾ ڏوهارين دڪان تي ڪاهه ڪري دڪان تي ستل 2 نوجوانن شبير ۽ دنگلا گولو کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نوجوانن جي رڙين تي ڳوٺاڻن پهچي مزاحمت ڪئي، جنهن دوران هٿياربند ٻنهي نوجوانن کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا، ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته 3 موٽرسائيڪلن تي 8 ڏوهاري هٿيارن سان دڪان ۾ داخل ٿيا ۽ نوجوانن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي ڏوهاري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، هنن چيو ته ڏوهارين جو پيڇو ڪيو ته هو بنگوار برادري جي گهرن ۾ داخل ٿيا، بعد ۾ زخمي نوجوانن کي ڪنڌڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو.