ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ويجهو دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس آپريشن دوران هڪ مغوي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويل شڪارپور واسي احسان پهنور کي بازياب ڪرايو ويو آهي، پوليس موجب آپريشن دوران اهلڪار ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين جي ٿاڪن تي پهتا، جتي هڪ مغوي قيد ٿيل هو، جنهن کي بازياب ڪرايو ويو، جڏهن ته ڌاڙيل پنهنجا ٿاڪ ڇڏي فرار ٿي ويا.