ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ويجهو ڌاڙيلن جي ٽرڪ تي فائرنگ، ڊرائيور ۽ ڪلينر سميت نوشڪي واسي 3 ڄڻا اغوا، ٽرڪ مٿان ستل همراهه بچي ويو، خبر موجب ملير اسٽاپ وٽ هٿياربندن جي ٽولي ٽرڪ کي بيهڻ جو اشارو ڪيو، ڊرائيور پاران ٽرڪ نه بيهارڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ٽرڪ جا ٽائر برسٽ ڪري ڇڏيا ۽ ٽرڪ ۾ سوار ڊرائيور ۽ ڪلينر سميت 3 ڄڻن جهانزيب، قدير احمد ۽ محمد ياسين کي اغوا ڪري ورتو، اغوا ٿيلن جو تعلق نوشڪي واري علائقي سان ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته ٽرڪ ۾ سوار هڪ ڄڻو ٽرڪ مٿان ويٺل رهيو، جيڪو اغوا ٿيڻ کان بچي ويو، ٽرڪ ڪشمور کان ڪنڌڪوٽ طرف اچي رهي هئي ته هٿياربندن کيس روڪيو، واقعي بعد پوليس جي وڏي نفري جاءِ واردات تي پهتي، آخري اطلاعن موجب هڪ ڄڻو جهانزيب ڌاڙيلن جي چنبي مان ڀڄي جان بچائي علائقي جي گولو برادري جي اوطاق تي پناهه ورتي، جنهن بابت علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو.