ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ويجهو ڀنر واري علائقي مان مريض کڻي شهر طرف ايندڙ ڪار تي نامعلوم هٿياربندن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار مختيار گولو ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو ميران بخش گولو زخمي ٿي پيو، ڪار ڊرائيور ڪار پڪي تي ڪاهي پهتو ۽ ڪنڌڪوٽ پوليس کي تفصيل ڏنا، پوليس پهچي علائقي ۾ ناڪابندي ڪئي پر هٿياربند واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا، مارجي ويل نوجوان ۽ زخمي کي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال آندو ويو، جتان مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.