ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ويجهو ارڙي وگهي معصوم ٻارڙي فوت ٿي وئي، خبر موجب ڳوٺ بھادر چاچڙ ۾ ارڙي وگهي ٻارري صوفيا ڌيءُ ممتاز چاچڙ فوت ٿي وئي، ٻارڙي جي والد جو چوڻ هو ته سندن ڳوٺ ۾ ڪيترائي ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا آهن، پر صحت کاتي ڪو به نوٽيس ناهي ورتو، هن ٻڌايو ته ارڙي ڦهلجڻ جو اطلاع ڏنو آهي پر ان جي باوجود ڪو به تدارڪ ناهي ڪيو ويو، هن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرن جون ٽيمون اماڻي ويڪسين ڪري ارڙي تي ضابطو آندو وڃي.