ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: عمران علي کوسو) ڪنڌڪوٽ واسڻ ناري مسڪان اوڏ بلوچستان جي لهڙي واري علائقي ۾ مڙس پرڪاش، سهري اربيلو، گلو اوڏ ۽ ٻين ساٿين هٿان بي دردي سان تشدد بعد گهٽا ڏئي مبينا طور قتل ٿي وئي، ناري مسڪان اوڏ جي جسم تي تشدد جا نشان ۽ وات مان رت هلندي رهي.ڪنڌڪوٽ واسڻ ناري مسڪان اوڏ جي جسم سوڄ پئجي وئي. ان سلسلي ۾ بي دردي سان مڙس سهري ۽ ٻين هٿان قتل ٿي ويل مسڪان اوڏ جي والد درشن لال، امڙ انجنا ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ناري مسڪان اوڏ کي سندس جوابدار مڙس پرڪاش، سهري اربيلو، گلو اوڏ ۽ ٻين ساٿين ان کي انسانيت سوز تشدد ڪري گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي، هنن جو چوڻ هو ته ناري جي جسم جي مختلف هنڌن تي لٺين جا نشان آهن ۽ وات سميت جسم جي مختلف هنڌن تي رت هلندڙ هئي، هنن چيو ته ناري مسڪان اوڏ جي اکين تي به تشدد ڪيو ويو، هنن چيو ته مسڪان اوڏ کي قتل ڪرڻ جي 10 ڪلاڪن بعد اسان کي ٻئي ڌر جي ماڻهن اطلاع ڪيو ته اوهان جي ناري مسڪان اوڏ فوت ٿي وئي آهي جڏهن اسين ان کان پڇيوسين ته هو ڪئين فوت ٿي وئي ته ان ڌڙڪو ڏئي چيو ته مسڪان فوت ٿي وئي آهي اچو ان جو لاش کڻي وڃو اسين ان فون ڪندڙ ٻئين ڌر جي همراه کي چيوسين ته جڏهن هو فوت ٿي وئي آهي ته مسڪان جو مڙس ڪٿي آهي ته ان فون ڪٽي ڇڏي.قتل ٿيندڙ ناري مسڪان اوڏ جي والدين جو چوڻ هو ته جڏهن اسين ٽيپل بلوچستان جي نزديڪ پهتاسين ته ناري مسڪان اوڏ جو لاش اسان کي رستي ۾ مليو ۽ لاش سان گڏ مسڪان جو مڙس يا ڏير وغيره گڏ نه هو پر ٻئين ڌر جي همراه لاش کي کڻي ٽيپل بلوچستان پهتو جتان اسان مسڪان جي مڙه کي ڪنڌڪوٽ کڻائي پهتاسين هن چيو ته اسان کي ڍيڍ ڏينهن ٿي ويو آهي جو مسڪان جو مڙه هتي هُتي رُلندو وتي پيو پر اسان کي انصاف نه مليو.ناري مسڪان اوڏ جي والدين چيو ته اسان جي ڌي کي قتل ڪندڙ جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ لاء مسڪان جي مڙه سميت لهڙي بلوچستان اتي پهتاسين ته بلوچستان پوليس اسان جو ڪيس داخل نه ڪيو ۽ اسان کي ائين ئي واپس ڪري ڇڏيو ڇو ته اسين غريب ۽ مظلوم هئاسين جو اسان جو ڪيس پوليس داخل نه ڪيو.هنن چيو ته جڏهن اسين ڪنڌڪوٽ پهتاسين ته ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن تي لاش کڻائي آياسين پوليس اسان کي چيو ته هي بلوچستان ۾ واقعو ٿيو آهي اوهان جو ڪيس بلوچستان ۾ ئي داخل ٿيندو ۽ ڪنڌڪوٽ پوليس به اسان کي واپس موٽائي ڇڏيو ۽ ناري مسڪان اوڏ جو ڪنهن به سرڪاري اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو.هنن چيو ته اسان سان وڏو ظلم ڪهر ٿيو آهي ناري مسڪان اوڏ جي شادي 2 سال پهريان پرڪاش سان ٿي هئي ۽ 2 سالن کان اسان کي مسڪان سان ملڻ نه ڏنو ويندو هو مسڪان فون تي ڳالهائيندي هئي ۽ اهو ٻڌائيندي هئي ته آءُ خوش ناهيان ۽ اسين جڏهن مسڪان جي ڏسڻ لاء بلوچستان لهڙي ويندا هئاسين ته اسان کي مسڪان سان ملڻ به نه ڏنو ويندو هو ۽ اهڙي دانهن اسين پنهنجي رشتيدارن کي ڏني سين پر ان باوجود به ڪجه نه ٿيو ۽ مسڪان جو لاش اسان کي اچي مليو. بي دردي سان انسانيت سوز تشدد بعد قتل ٿيندڙ مسڪان اوڏ جي والدين بلوچستان حڪومت ۽ سنڌ حڪومت ۽ پوليس عملدارن کان مطالبو ڪيو ته جنهن نموني مسڪان کي بي دردي سان مڙس پرڪاش سهري اربيلو ۽ ٻين قتل ڪيو آهي انهي سڀني جوابدارن سان به اهڙو ئي حشر ڪري مسڪان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.
ٽائيم نيوز جي خبر جو بلوچستان پوليس نوٽيس ورتو، جوابدار سوگها
ڪنڌڪوٽ:شادي شده ناري ڪنڌڪوٽ واسڻ مسڪان جي قتل وارو معاملو.ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد بلوچستان پوليس جو نوٽيس ورتو. خبر نشر ٿيڻ بعد جوابدار مڙس پرڪاش ۽ سهري کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سندس گهر تي ڇاپو هنيو ويو، بلوچستان پوليس جي ڇاپي دوران مسڪان اوڏ جي قتل واقعي ۾ وارثن پاران ملوث قرار ڏنل سهرو اربيلو اوڏ بلوچستان پوليس هٿان گرفتار ٿي ويو، مسڪان اوڏ جي وارثن پاران جوابدار مڙس پرڪاش اوڏ کي ملوث قرار ڏنو هو، جيڪو پوليس جي ڇاپي کان اڳ گهران فرار ٿي ويو آهي، ان سلسلي مسڪان اوڏ جي والد درشن لال ٽائيم نيوز سان رابطي تي ٻڌايو ته ٽائيم نيوز تي مسڪان جي خبر نشر ٿي ته بلوچستان لهڙي بختيارآباد پوليس اسان سان رابطو ڪيو آهي.پوليس چيو ته مسڪان جي قتل جي خبر سامهون گذري تنهن بعد اسين جوابدار جي گهرن تي ڇاپا هڻي اربيلو اوڏ کي گرفتار ڪيو آهي. اوهان ٿاڻي تي اچو اوهان جي فرياد تي جوابدارن مٿان ڪيس به داخل ڪنداسين. جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ صبح جو بلوچستان لهڙي بختيارآباد ٿاڻي تي وينداسين.
|
وچين ماڻهو لالچند اوڏ پرڪاش سان مسڪان جي شادي ڪرائي
ڪنڌڪوٽ: ڪنڌڪوٽ واسڻ ناري مسڪان اوڏ جي شادي پرڪاش اوڏ سان وچين ماڻهو لالچند اوڏ معرفت جي ڳالهين بعد شادي طئي ٿي هئي. 2 سال پهريان لالچند اوڏ ذريعي ناري مسڪان اوڏ جي والدين درشن لال ۽ امڙ انجنا سان ڳالهيون طئي ٿيڻ بعد ناري مسڪان اوڏ جو رشتو پرڪاش اوڏ کي مليو هو ۽ اهي سڀ ڳالهيون طئي ٿيون هيون ته مسڪان پنهنجي والدين جي گهر گهمڻ لاءِ ايندي رهندي ان کي ڪابه روڪ ٽوڪ نه هوندي پر مسڪان اوڏ جي رشتي کان اڳ جيڪي به ڳالهيون وچين شخص ذريعي ٿيون هيون جوابدار پرڪاش اوڏ ڪنهن هڪ ڳالهه تي به نه بيٺو، لالچند اوڏ موجب ته آءُ پرڪاش سان فون تي ڳالهائيندو هئس ته منهنجي ذريعي تنهنجو رشتو ٿيو آهي، آءُ هر ڳالهين جو ضامن آهيان، اوهان هڪ دفعو صرف مسڪان کي والدين جي گهر گهمڻ لاءِ ڇڏيو هو پر وڏو ٽائيم ٿيو آهي، مسڪان کي پيڪن ڇڏ ته هو گهمي وڃي ۽ مسڪان جي مڙس مون کي اهو چيو ته مسڪان کي پيڪن ڇڏيو ته ان جا والدين هن کي مون ڏانهن واپس نه موڪليندا، ته مون پرڪاش کي چيو ته تون مسڪان مٿان تشدد ڪندو رهندين ته پوءِ ڪيئن ان جا والدين خاموش رهندا، وچين شخص لالچند جو چوڻ هو ته مسڪان کي مڙس پرڪاش بي دردي سان قتل ڪيو آهي، ان خلاف سخت ڪارروائي ڪري سزا ڏني وڃي جئين مسڪان جي روح کي شانتي ملي سگهي.
غريب آهيون، مسڪان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي: والدين
ڪنڌڪوٽ:مسڪان اوڏ جو والد ۽ ڀائر انتهائي غريب آهن.سندس گهر به مسواڙ ذريعي رهائش پذير آهن ۽ روز ڪمائي گذرسفر ڪري پيٽ پاليندا آهن انتهائي غريب هجڻ ڪري مسڪان اوڏ جي خون سان انصاف نه ٿي سگهيو.
مسڪان جي جسم تي سخت تشدد ٿيل، والدين جون اڀ ڏاريندڙ دانهون
ڪنڌڪوٽ:مسڪان اوڏ جي گهر ۾ قيامت برپا ٿيل رهي مسڪان اوڏ جي جسم تي ڀيانڪ قسم جو تشدد ڏسي والد امڙ ڀينر ڀائر زارو قطار روئيندا رهيا جڏهن مسڪان اوڏ جي حالت ڏسڻ لاء محلي واسي وڏي انگ ۾ عورتون پهچي ويون ۽ گهر ٻاهريان وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا ۽ ماحول سوڳوار بڻيل رهيو.