ڪنڌڪوٽ واسي 2 ڄڻا ڌاڙيلن وٽ قيد: هڪ ڪروڙ 10 لک ڀنگ طلب

0
16
ڪنڌڪوٽ واسي 2 ڄڻا ڌاڙيلن وٽ قيد: هڪ ڪروڙ 10 لک ڀنگ طلب
ڪنڌڪوٽ واسي 2 ڄڻا ڌاڙيلن وٽ قيد: هڪ ڪروڙ 10 لک ڀنگ طلب

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) هڪ مهينو اڳ اغوا ٿي ويل ڪنڌڪوٽ واسي مغوي اياز لاشاري جي ڌاڙيلن تشدد واري وڊيو وائرل ڪري ڇڏي. وڊيو ۾ ڌاڙيل مغوي کي زنجيرن سان ٻڌي تشدد ڪندا رهن ٿا، مغوي زارو قطار روئيندي وارثن کي جلد ڀنگ جا پئسا ڌاڙيلن کي ڏيڻ لاءِ اپيل ڪري رهيو آهي، مغوي جو چوڻ هو ته ڌاڙيل مونکي زنجيرن سان ٻڌي سخت تشدد ڪندا رهن ٿا، 60 لک ڏئي مونکي آزاد ڪرايو وڃي، مغوي پنهنجي امڙ لاءِ روئيندي چيو ته گهر وڪڻي به مونکي آزاد ڪرايو وڃي، .ڏوهارين پاران مغوي جي وڊيو وائرل ڪرڻ بعد وارثن ۾ صدمي واري لهر ڇائنجي وئي آهي،ٻي طرف مغوي بدر الدين گهنڃو جي وارثن کان به ڌاڙيلن فون ڪال ڪري ڀنگ طلب ڪري ورتو آهي، گذريل ڏينهن اغوا ٿي ويل ٽريزري آفيس ڪنڌڪوٽ جي ملازم بدر الدين گهنڃو جي وارثن کي ڌاڙيلن پاران فون ڪال ڪري 50 لک ڀنگ طلب ڪري ورتو آهي.ان سلسلي ۾ مغوي ڀاءُ اصغر علي گهنڃو جو چوڻ هو ته ڌاڙيلن مونکي فون ڪال ڪري آگاهج ڪيو آهي ته اوهان جو ڀاءُ اغوا ٿي ويو آهي،ڌاڙيلن 50 لک ڀنگ گهريو آهي، هن مطالبو ڪيو ته مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي.