ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ 2 مھينا اڳ ڦر دوران ھٿياربندن ھٿان قتل ٿيل مراد علي بنگوار جي قتل جو نبيرو ڪيو ويو، بنگوار برادري جي چڱي مڙس احمد علي بنگوار جي سرپئنچي  ھيٺ ٿيل نبيري ۾ مراد علي بنگوار جو خون رسول بخش بنگوار مٿان ثابت ٿيڻ تي مٿس ھڪ ڪرور 30 لک روپيا ڏنڊ رکيو ويو، نبيري ۾ مقتول نوجوان کي ناحق قتل جا 4 عيوضا رکيا ويا ۽  في خون جو عيوضو 20 لک مقرر ڪيو ويو، نبيري جي فتويٰ ٻنهي ڌرين کي پڙهي ٻڌائي وئي، جنهن بعد ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو.