ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ڌرڻي ۾ اڳواڻن کان ورتل مهلت ختم، پوليس ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي، ايس ايس پي امجد شيخ جا واعدا وفا نه ٿيا، ساگر ڪمار سميت ٻيا مغوي اڃا تائين ڌاڙيلن وٽ قيد، خبر موجب ڪنڌڪوٽ ڌرڻي ۾ اڳواڻن کان ورتل مهلت ختم ٿي وئي پر پوليس ڪا به اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي، ايس ايس پي امجد شيخ ڪيل واعدا وفا نه ڪيا، ساگر ڪمار سميت ٻيا مغوي اڃا تائين بازياب ناهن ٿيا، ايس ايس پي امجد شيخ پاران ساگر ڪمار، نازيا کوسو ۽ ڪوثر کوسو کي بازياب ڪرائڻ جي مهلت ڪالهه ختم ٿي وئي پر مغوي نه موٽيا، ان سلسلي ۾ وڪيل عبدالغني بجاراڻي جو چوڻ آهي ته آءُ روڊ تي ويهي ئي سڀ مسئلا حل ڪرائڻ چاهيان پيو پر مغوين جي وارثن جي صلاح مشوري بعد انتظاميا کي مهلت ڏني، هن چيو ته منهنجا هٿ مغوين جي وارثن وڊيا، اهي انتظاميا جي ڳالهين تي لڳي ويا، آنءُ ته لٺيون کائي به روڊ تي ويٺو رهيس، نازيا ۽ ڪوثر کوسو جي وارث امدا کوسو جو چوڻ هو ته انتظاميا جي ورتل مهلت پوري ٿئي وئي، جيڪڏهن نازيا ۽ ڪوثر کوسو بازياب نه ٿيون ته وري انڊس هاءِ وي بند ڪبو يا ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻبو.