ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ هڪ ڏينهن ۾ 2 ڄڻا اغوا ٿي ويا. ڪنڌڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گڊو ھيبت پل وٽ احمد علي کوسو جي مڇي فارم تان ھٿياربند چوڪيدار ولي محمد کوسو کي اغوا ڪري ويا. پوليس جاءِ واردات تي پهچي معلومات ورتي.هوڏانهن بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڪالٽيڪس باءِ پاس وٽ مزدا ڊرائيور عبدالغني ڏاهاڻي اغوا ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن، وارثن اغوا ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.گل حسن ڏاهاڻي جو چوڻ هو ته اسان جي ڀاءَ عبدالغني ڏاهاڻي کي هٿياربندن اغوا ڪيو آهي ڌاڙيلن فون ڪري 5 لک روپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي.ڀاءَ کي بنادير بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.ڊي ايس پي سٽي يار محمد رند جو چوڻ هو ته چوڪيدار ولي محمد کوسو جي اغوا بابت وارثن اطلاع ڏنو آهي. مزدا ڊرائيور جي اغوا بابت ڪو اطلاع ناهي مليو.