ڪنڌڪوٽ مان مبينا طور اغوا ٿيل ماءُ ۽ ڌيءَ جي وارثن جو احتجاج

0
38

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد گوليمار جون رهواسڻ ماءُ، ڌيءَ مارڻ لاشاري ۽ سرتاج لاشاري کي مبينا طور ٻه ڀائر پوليس اهلڪارن پاران مبينا گهر مان کنڀي اغوا ڪرڻ واري الزام هيٺ متاثر عورتن جي وارثن احتجاج ڪندي ٻنهي پوليس اهلڪارن جي وردي جي ناجائز فائدو وٺڻ خلاف دانهون ڪوڪون ڪيون. ان سلسلي ۾ عورتن جي مڙسن محمد پناه ۽ شوڪت لاشاري سندس ڀاءُ ايوب لاشاري داهيندي چيو ته 8 ڏينهن گذرڻ باوجود ماءُ مارڻ ۽ ڌي سرتاج جو ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هنن چيو ته حد جي پوليس کي آگاهه ڪيو ويو پر ڪوبه تڌارڪ نه ٿيو ۽ پوليس پٽي ڀاءُ جي ڪمداري پئي نڀائي ۽ اسان پوليس جي اعليٰ عملدارن جي درن تي ڌڪا ٿاٻا کائي رهيا آهيون. هنن چيو ته 60 سالن جي 4 ٻارن جي ماءُ مارڻ زال محمد پناھ لاشاري ۽ 35 ورهين جي سرتاج زال شوڪت لاشاري جنهن کي 3 ٻارن جو اولاد آهي گهر ڀر سان ٿاڻا تي مقرر انچارج قادر بنگوار ۽ ان جو ڀاءُ عبدالغفار بنگوار زبردستي کڻي ويا آهن. متاثرن داهيندي چيو ته اهڙي معاملي تي عدالت جو پڻ در کڙڪايو آهي.هنن چيو ته عورتون واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.