….ڪنڌڪوٽ ويجهو دراني مهر جَي ڪچي ۾ چاچڙ برادري تي حملو، 9 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي، ڳوٺاڻن موجب سبزوئي ۽ جاگيراڻي برادري جَي هٿياربندن حملو ڪري انڌانڌ فائرنگ ڪري ڏني، حضور بخش، شاهه مراد ۽ خالق سميت چاچڙ برادري جا 9 ڄڻا قتل، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پوليس واقعي وارَي هنڌ نه پهتي، ڳوٺاڻن لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ پهچايو، ڌريون مورچابند هئڻ ڪري وڌيڪ رتوڇاڻ جو خدشو ظاهر، پوليس موجب واقعو پراڻي تڪرار جو نتيجو آهي.
ڪنڌڪوٽ:مارجي ويلن ۾ حامد پٽ الله ورايو،خالق پٽ الله ورايو، راحب پٽ خالق، شعبان پٽ خالق، حضورو پٽ الله ورايو،شھمراد پٽ واحد،منظور پٽ محمد،انور پٽ واحد، الله ورايو پٽ شھمراد چاچڙ مارجي ويلن ۾ شامل