ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌ ڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان ڪجھه ڏينهن اڳ اغوا ٿيل پورهيت نگر حسين سھرياڻي جو آڊيو ڏوھارين وارثن ڏي موڪلي، جنهن ۾ مغوي نگر حسين سھرياڻي درد ڀري دانھن سان ڳالھيندي چيو ته مال وڪرو ڪيو، گھر ۾ نياڻين جو پيل ڏاج وڪرو ڪيو، جيڪو به ڪجھه آهي وڪرو ڪيو پر مون کي آزاد ڪرايو، ٻي طرف وارثن جو چوڻ هو ته ڌاڙيل 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪري رهيا آهن، غريب آهيون، مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي.