ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿي ويل 2 مغوي غلام مرتضيٰ کوسو ۽ بدرالدين گهنڄو جو 3 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود بازيابي عمل ۾ نه اچي سگهي آهي، مغوين جي وارثن پاڪ ڪتاب کڻي مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو، مغوين غلام مرتضيٰ کوسو ۽ بدرالدين گهنڄو جي وارثن پاران پوليس مان مايوسي جو اظهار پڻ ڪيو، مغوين جي بازيابي عمل ۾ نه اچڻ سبب والدين معصوم ٻارڙا زارو قطار روئيندا رهيا.ان موقعي تي مغوي بدرالدين گهنڄو جي وارثن اصغر گهنڄو زاهد گهنڄو ۽ مغوي غلام مرتضيٰ کوسو جي ڀاءُ ممتاز کوسو جو چوڻ هو ته اسان جي مغوين کي 3 ڏينهن ٿي چڪا آهن اهي ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن پر پوليس هنن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪوبه ڪردار ادا نه ڪيو آهي، مغوين جي آزادي لاءِ ڌاڙيلن 50 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي غريب مسڪين آهيون ڪٿان کان 50 لک ڀنگ جا پئسا آڻيون، وس وارا آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻه مغوين جي اغوا معاملي جو سختي سان نوٽيس وٺي ٻنهي مغوين کي آزاد ڪرائي گهر جون خوشيون واپس ڪرايون وڃن.