ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جا “مغوي” بازياب نه ٿيا، بدامني خلاف ڌار ڌار ريليون، مظاهرا، ڌرڻا، سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي جي اڳواڻي ۾ جمال پوليس ٿاڻي جي حد مان 41 ڏينهن اڳ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيل ٻن پورھيت ڀائرن لياقت بھلڪاڻي ۽ شڪيل بھلڪاڻي جي اغوا خلاف ٻئي ڏينهن به گھنٽا گھر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن اڪرم باجڪاڻي، جيوڻ خان، اويس کوسو، قمردين سھرياڻي، اويس کوسو ۽ ٻين چيو ته گذريل ٽن سالن کان ضلعي ۾ بدامني چوٽ تي چڙھيل آهي، پوليس مغوين کي به بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته مغوي بازياب ڪرائي علائقي ۾ امن امان قائم ڪرايو وڃي. ٻي طرف وڌندڙ بدامني خلاف ۽ معصوم رافع ملڪ جي بازيابي لاءِ جسقم طرفان والي ڏنو سنڌي، سراج سنڌي، قربان ڇڄڻ، فرحان، حفيظ سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي رسالدار روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته معصوم رافع ملڪ اغوا ٿي ويو آهي پوليس پاڻ ڏوهه پئي ڪرائي، بدامني سبب شهري غيرمحفوظ بڻجي ويا آهن، مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي.