ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪرمپور ۽ ڪشمور مان سيپڪو ملازم سميت 3 ڄڻا اغوا، سيپڪو عملدارن احتجاج طور بجلي بند ڪري ڇڏي، مظاهرو، خبر موجب گذريل رات 6 هٿياربندن ڪرمپور جي گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي ننڊ ستل آپريٽر جميل احمد ٻرڙو ۽ ٽرانسفارمر ٺاهيندڙ پرائيوٽ مستري آصف آرائين کي اغوا ڪري ورتو، صبح جو سوئيپر صفائي لاءِ پهتو ته بسترو خالي پيل هو ۽ آفيس جا شيشا ڀڳل هئا، سوئيپر جي اطلاع تي گرڊ انچارج عبدالشڪور باجڪاڻي پهچي ڪرمپور ٿاڻي تي اطلاع ڏنو، اطلاع پوليس ۽ وڏي انگ ۾ شهري گرڊ اسٽيشن پهتا پوليس ۽ شهرين پاران هٿياربندن جا پيرا کنيا ويا جيڪي انڊس هاءِ وي پار ڪري ڳڙھي تيغو واري ڪچي ۾ ويا جنهن بعد پوليس واپس موٽي آئي، سيپڪو ملازم جي اغوا بعد چيف انجنيئر محمد علي ميمڻ، ايڪسئين عبدالحق سيال، واپڊا هائيڊرو يونين اڳواڻ اصغر بجاراڻي ۽ ٻيا ڪرمپور پهتا، جڏهن ته عملدارن ۽ ملازمن اغوا واقعي خلاف احتجاج ڪيو، احتجاج ڪندڙ اڳواڻن اصغر بجاراڻي ۽ ٻين چيو ته ڪرمپور شهر ۾ ڌاڙيلن وڏي واردات ڪري گرڊ اسٽيشن تان ٻن ڄڻن کي اغوا ڪيو آهي، پوليس ڪو به ڪردار ادا نه پئي ڪري، اڳواڻن چتاء ڏنو ته 24 ڪلاڪن اندر مغوي بازياب نه ٿيا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، واپڊا هائيڊرو يونين پاران احتجاج طور سڄي ضلعي جي بجلي بند ڪري ڇڏي، ٻئي پاسي ٻن ڄڻن جي اغوا جو صوبائي وزير نوٽيس ورتو، صوبائي وزير شبير علي بجاراڻي ايس ايس پي ڪشمور سان رابطو ڪري مغوين کي جلد بازياب ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته ايس ايس پي عرفان سمون صوبائي وزير کي ٻن ڏينهن ۾ مغوي بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، هوڏانهن ڪشمور ويجهو ڪچي مان ڳوٺ ڪريم بخش مزاري کان ڪشمور طرف ايندڙ کير فروش محمد امين چاچڙ کي ھٿياربندن مبينا طور اغوا ڪري ورتو، وارثن طرفان پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو ويو پر پوليس مغوي جي بازيابي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا.

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل معصوم ٻالڪ بازياب نه ٿيو، گهر ۾ روڄ راڙو متل، سياسي سماجي تنظيمن ۽ هندو پنچائت جو مظاهرو، اڄ ريليون ڪڍڻ جو اعلان، ٻالڪ جي وارثن وائرل ٿيل وڊيو کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو، خبر موجب 4 ڏينهن اڳ شهر مان اغوا ٿيل معصوم ٻالڪ سمرت ڪمار کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جنهن ڪري ٻالڪ جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، ڪالهه نينگر سمرت ڪمار جي بازيابي لاءِ هندو پئنچائت، شهرين، سول سوسائٽي، سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن پاران سيٺ نندلال، ديوان لال، حافظ نصرالله چنا، غلام مصطفيٰ ميراڻي، شاهنواز مرهيٽو، فضل سبزوئي، اي ڪي اوڳاهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهنٽاگهر چوڪ کان ڊي سي آفيس تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن ته ٻالڪ جي بازيابي لاءِ سياسي سماجي، مذهبي تنظيمن پاران اڄ جمعي ڏينهن ٻيهر احتجاجي ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ٻالڪ جي والد اجيت ڪمار جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي هلندڙ وڊيو معصوم سمرت جي ناهي، اهڙيون وڊيوز سمرت جي نالي سان شيئر ڪري اسان کي وڌيڪ اذيتون ڏنيون پيون وڃن، نينگر جي والد چيو ته اسان هندو برادري سان هاڻي گهڻو ٿي چڪو آهي، اسين هاڻ هتان لڏپلاڻ ڪري هي ديس ڇڏڻ چاهيون ٿا، ضلعي جي حالت تي هتان جي چونڊيل نمائندن کي ڪو ترس نه ٿو اچي، ايئن ٿو لڳي ڄڻ اسين هتان جا راهوڪو ئي ناهيون جو اسان ننڌڻڪا ٿي ويا آهيون، ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته ٻالڪ سمرت ڪمار جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن، اميد ته جلد ٻالڪ کي بازياب ڪرايو ويندو.