ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) مغوين جي بازيابيءَ جي خاطرين تي ڪنڌڪوٽ ويجهو انڊس هاءِ وي تي 18 ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو ختم، رات دير سان ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ ڊي سي ڪشمور ڌرڻي واري هنڌ پهچي وڪيل اڳواڻ عبدالغني بجاراڻي ۽ ٻين سان ڳالهيون ڪيون،
مغوي ساگر ڪمار، نازيا ۽ ڪوثر کوسو ٻرڙو کي 24 ڪلاڪن اندر بازياب ڪرائڻ جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ان کان اڳ پوليس اٽالن جي ڌرڻي تي چڙهائي ۽ لٺبازي دوران 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا
سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن وٽ هٿيار ۽ ڇُرا به نظر آيا، ڌرڻي ۾ ويٺل شهرين جي جوابي لٺبازي بعد اهلڪار ڀڄي ويا
ايس ايس پي ڪشمور ڌرڻي تي چڙهائي ۽ لٺبازي جي ترديد ڪري ڇڏي، ٽائيم نيوز سان ڳالهه ٻولهه دوران ايس ايس پي پاران سادن ڪپڙن ۾ هٿيارن ۽ ڇُرن سان ليس ماڻهن کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو ويو آهي
هي به پڙهندا
ڪنڌڪوٽ ڌرڻي تي پوليس چڙهائي، اهلڪارن جي هٿن ۾ ڇريون!: ڪيترائي مظاهرين زخمي