ڪنڌرا (ن پ ا)ڪنڌرا شھر جي شاھي بازار ۾ ريڙھي تي ڪيلا وڪرو ڪندڙ پورھيت ڳوٺ ابيلو جو رھواسي شھزادو مگھڻار پٽ مرحوم نٿوفقير مڱڻھار کي نامعلوم ڪار سوار ماڻھو کنڀي کڻي ويا، ان حوالي سان حد جي ايس ايچ او موجب ته خبر ناهي ته پورهيت کي ڪير کڻي ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته پورهيت ڏانهن ڪٽوهر ذات جي ماڻهن جا پئسا رهيل هئا، پورھيت کي خيرپور پوليس جو سب انسپيڪٽر شھر مان گرفتار ڪري وٺي ويو آهي ،کنڀي کڻي وڃڻ واري ڳالھ غلط آھي.