ڪنڌرا(ن پ ا)ڪنڌرا ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سرواڻ محترم محمد علي قاضي جي ڏنل سڏ تي3 ڊسمبر آچر جي ڏينھن سنڌي ثقافتي ايڪتا وارو ڏهاڙو “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” جي سري ھيٺ ھر سال جيان ھن سال به ڀرپور نموني سان ملھايو ويندو، سنڌي ثقافتي ڏھاڙي واري مک تقريب پريس ڪلب ڪنڌرا جي ميزباني ھيٺ ملھائي ويندي ثقافتي تقريب ۾ شھر جا سياسي سماجي اڳواڻ شريڪ ٿيندا جڏھن  مختلف لوڪ فنڪار سنڌي قومي گيت ڳائي پنھنجي فن جو مظاهرو پڻ ڪندا. مختلف اسڪولز جا شاگرد ٽيلوز پڻ پيش ڪندا  ھوڏانھن ڪنڌرا شھر ۾ شھرين مختلف دڪانن تان ھاڻي کان ئي ٽوپيون ۽ اجرڪ خريد ڪرڻ وارو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي دڪاندار سميت ڪمار چيو آھي ته صرف منھنجي دڪان تان ھينئر روزانو جي بنياد تي100 جي لڳ ڀڳ شھري ٽوپي اجرڪ خريد ڪرڻ لاءِ اچي رھيا آھن، ھن ٻڌايو ته ايڪتا ڏهاڙو ويجھو ايندئي ٽوپي اجرڪ جي وڪري ۾ رڪاڊ اضافو ٿيندو آهي، ھوڏانھن ٽوپي اجرڪ خريد ڪندڙ شھرين حظيفه مغل، عامر مغل ۽ ٻين چيو ته ايڪتا ڏھاڙي لاءِ ٽوپيون خريد ڪري رھيا آھيون، اسين ثقافتي ايڪتا واري ڏھاڙي کي عيد جي ڏينھن جيان نوان ڪپڙا سنڌي ٽوپي اجرڪون پائي ملهائيندا آھيون. ضلع ڪائونسل جي ميمبر عرض محمد ميراڻي، شاعرعاجز عبدالحميد ڪاندڙو، شاعر حسين جاگيراڻي، ھندو پنچائت جي مکي لڌو مل، ٽائون ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين ڪنيعولال عرف ڀٽو مل، حاجي سھيل ٻرڙو، منير احمد ڪانڌڙو، واجد حسين، ميمڻ بابر قريشي ۽ ٻين 3 ڊسمبر ايڪتا وارو ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملھائڻ جو اعلان ڪيو.