سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) ڪنڌرا ويجھو ڳوٺ ابيجاڻو ۾ منور ڀاڀو پنھنجي زال 30 ورھين جي مسمات فردوس شيخ کي سخت تشدد ڪرڻ بعد بيدرديءَ سان پسٽل جا سڌا فائر ڪري قتل ڪري لاش گھر اندر دفن ڪري فرار ٿي ويو آھي، اطلاع تي پوليس منور ڀاڀو جي گھر تي چڙھائي ڪئي پر گھر کي ٻاھران تالو لڳل ھو، ڪنڌرا پوليس گھر اندر داخل ٿي کڏ کڻي مٽي ۾ پوريل (دفن) ٿيل عورت جو لاش ھٿ ڪري ورتو،پوليس وڌيڪ ميڊيڪل رپورٽ توڙي قانوني ڪارروائي لاءِ لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف ايس ايچ او ڪنڌرا موجب ته ڪنڌرا ٿاڻي تي ابتدائي رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي، جڏھن ته عورت جي قتل وارو واقعو اربع جي رات پيش آيو آھي، عورت کي قتل ڪندڙ جوابدار مڙس منور ڀاڀو گھر خالي ڪري فرار ٿي ويو آھي، کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو. مقتولا جي ڀاءُ شعيب شيخ ٻڌايو ته لاش ملڻ بعد پتو پيو ته نياڻي کي ٽنگن، پٺي، ٻانهن سميت جسم جي ٻين حصن تي ڪهاڙين جا وار ڪيل آهن، وحشياڻو تشدد به ٿيل آهي ٻانهون ۽ ٽنگون ڀڳل آهن. هن ٻڌايو ته نياڻي خاندان جي مرضي جي خلاف پسند جي شادي ڪئي هئي جنهن تان خاندان ناراض هو ۽ اچ وڃ توڙي رابطو ڪٽيل هو. هن ٻڌايو ته اسان پهريان سکر جي بچل شاهه ۾ رهندا هئاسين، هاڻي ٻٻرلوءِ ويٺا آهيون. ڪالهه ڪنڌرا جي ماڻهن گهر پهچي اطلاع ڏنو ته توهان جي نياڻي کي قتل ڪرڻ بعد لاش گهر ۾ ئي دفنايو ويو آهي. پوسٽ مارٽم بعد مليل لاش وارثن ٻٻرلوءِ ڀرسان آبائي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو آهي. ٻي طرف سکر پوليس ڪارروائي ڪري زال کي قتل ڪندڙ جوابدار منور کي گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار جوابدار پوليس آڏو اعتراف ڪيو آهي ته هن پنهنجي گهرواري کي شڪ جي بنياد تي قتل ڪيو آهي، قتل واري واردات متعلق پوليس پاران جاري ڪيل وڊيو ۾ جوابدار ٻڌائي ٿو ته پهريان گهر واري کي سرون هنيو، جنهن کان پوءِ رسيءَ سان گهٽا ئي قتل ڪيو. ان بعد هن گهرواري کي گهر اڱڻ ۾ دفنائي ڇڏيو.