ڪنڌرا (ن پ ا) ڪنڌرا ويجھو ٻن ڀائرن ۾ پاڻي جي واري ٿان جهيڙو، ننڍي ڀاءُ پاران ڌڪو ڏيڻ سبب وڏي ڀاءُ دم ڏئي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته همراهه دل جي دوري سبب فوت ٿيو، خبر موجب ڳوٺ وريل مھر ۾ پاڻي جي واري تان ٻن ڀائرن ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڌڪو اچڻ جي نتيجي ۾ 55 ورھين جو علي محمد مھر دم ڏئي ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش رورل ھيلٿ سينٽر ڪنڌرا کڻائي آئي، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته ٻن ڀائرن علي محمد مھر ۽ علي خان مھر وچ ۾ پاڻي جي واري تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڌڪو اچڻ سبب وڏو ڀاءُ علي محمد مھر دم ڏئي ڇڏيو، ھوڏانھن ڪنڌرا پوليس موجب ھمراھ کي جسم تي ڌڪ جو ڪو به نشان ناهي، لڳي ٿو ته هو جهيڙي دوران دل جي دوري پوڻ سبب فوت ٿيو آھي، وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.