ڪنڌرا(ن پ ا) ڪنڌرا ويجھو ڳوٺ قادر بخش جا قبا وٽ ڪلھوڙا برادري جي ٽريڪٽر ٽرالي تي سوار ماڻھن مٿان ڌاريجا برادريءَ جي ھٿياربندن جديد ھٿيارن سان مٿن فائرنگ ڪري ڏني، معجزاني طور ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو، ٽريڪٽر ٽرالي تي سوار ماڻھو پڻ محفوظ رھيا ھوڏانھن ڪلھوڙا برادري جي ماڻھن ڳوٺ يار محمد ڪلھوڙو جي سوين رھواسين واقعي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪندي صحافين آڏو دانهيندي چيو آھي ته نادر ڌاريجو حزب الله ڌاريجو،جانو ڌاريجو ۽ اعجاز عرف اجو ملاڻو شريف پلهه سميت ٻين ھٿياربندن جديد ھٿيارن سان گھر واپس ايندڙ ڪھلوڙا برادري جي ماڻھن مٿان جيڪي ٽريڪٽر ٽرالي تي سوار ھئا جن مٿان فائرنگ ڪري ڏهڪاءُ پکيڙيو آھي، ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي سکر کي اپيل ڪئي آھي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان تحفظ فراھم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.