ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ ڳوٺ مهڻي ديرو واسي سيال برادري جي ماڻهن خانواهڻ پوليس ۽ بااثرن جي مبينا زيادتين ۽ زمين تي قبضي جي ڪوشش خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي شبير سيال، غلام حسين، علي محمد ۽ ٻين چيو ته ڳوٺ ڀرسان سندن زرعي زمين آهي، جنهن تي بااثر زبردستي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري سخت پريشان آهيون، هنن چيو ته بااثر ڀائر ۽ ڀائٽيا هٿياربند ساڻ ڪري اسان جي زمين تي اچن ٿا، خانواهڻ ٿاڻي تي وڃي ٿڪجي پيا آهيون پر پوليس اسان جي مدد ڪرڻ بدران بااثرن جي ونگارو بڻيل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بااثرن ۽ پوليس خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.