ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو جي ريلوي ڪالوني واري علائقي ۾ هٿياربندن فرجن جي دوڪان تي ڪم ڪندڙ فرجن جي مستري هوش محمد کوسو مٿان فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪري سان فرار ٿي ويا زخمي هوش محمد کوسو کي تعلقه اسپتال ڪنڊيارو منتقل ڪيو ويو جتان طبي امداد بعد کيس نواب شاهه منتقل ڪيو ويو ڪنڊيارو پوليس موجب ته کوسا برادري جي ئي ماڻهن هوش محمد کوسو کي گوليون هڻي زخمي ڪيو آھي، معاملو ذاتي تڪرار آهي پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي ۽ ٻئي پاسي پوليس الزام هيٺ آيل عبدالسلام کوسو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.