ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ قومي شاهراهه واري علائقي ۾ نامعلوم چور دڪاندار وقار ڏيپر جي دڪان جا تالا ٽوڙي بيٽريون چوري ڪري فرار ٿي ويا، بدامني خلاف ڏيپر برادري جي ماڻهن ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد شهر جي مک اسٽار چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪنڊيارو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي، شهري غير محفوظ بڻيل آهن، ڏوهاري شهر ۾ سرعام گهمي رهيا آهن، پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، هنن بدامني ختم ڪرائڻ جي گهر ڪئي.