ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ 2 ڏينهن اڳ انتظاميا پاران شھر جي مختلف بازارن ۾ حددخلين جو جواز ڄاڻائي دڪاندارن تي ڳرا ڏنڊ هڻڻ ۽ بلاجواز دڪان سيل ڪرڻ تي دڪاندارن وقتي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڊيارو خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي نند لعل، جميل قريشي، شريف مڱريو، نور قريشي، ارشاد قريشي ۽ ٻين چيو ته غريب دڪاندارن تي هزارين رپيا ڏنڊ ھڻڻ بعد دوڪان سيل ڪري ناانصافي ڪئي وئي آهي، هنن الزام هنيو ته اي سي بازارن ۾ پوليس ساڻ ڪري دڪاندارن کي گهٽ وڌ ڳالهايو، جڏھن ته آپريشن جي آڙ ۾ صرف ريڙها ۽ صندل هٽرائي ڏنڊ هنيا ويا، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.