ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ دڪاندارن انتظامي عملدارن جي مبينا ناانصافين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مير خان سهتو، سرفراز قريشي، راشد علي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته انتظامي عملدار ڪنڊيارو جي دڪاندارن سان ناانصافي ڪري رهيا آهن، گذريل ڪيترن ئي سالن کان مختيار ڪار چوڪ کان اڳيان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جا 33 دڪان آهن، جن ۾ دڪاندار ڪاروبار ڪري رهيا آهن، هاڻي شهر  ۾ هڪ مارڪيٽ ٺهرايو ويو آهي، جنهن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ هلندڙ 33 دڪاندارن کي بيروزگار ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، هنن چيو ته اهڙي عمل کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، هنن جو چوڻ هو ته دڪان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جا آهن، نوٽيس وري اي سي ڪنڊيارو ڏنا آهن ته اهي دڪان خالي ڪيا وڃن، هنن تدارڪ ڪرڻ جي گهر ڪئي.