ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ روڊس کاتي جي ڪالوني ۽ آفيس ۾ ٿيل ترقياتي ڪمن ۾ مبينا ناقص مٽيريل جي استعمال خلاف پ پ شهيد ڀٽو، جسقم ۽ ايس ٽي پي پاران ريلي ڪڍي آفيس جي مين گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن ظفر کوسو، هارون ڪلهوڙو، ذولفقار ملاح، سهيل گهانگهرو، سڄڻ پيرزادو ۽ ٻين چيو ته روڊس کاتي جي عملدارن ڪرپشن جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي، عملدارن ڪميشن عيوض ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏئي ڇڏيا آهن، جيڪي سرعام ناقص مٽيريل جو استعمال ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته ڪالوني جي گهٽين ۾ غيرمعياري پيور بلاڪ لڳايا پيا وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي.