ڪنڊيارو (رپورٽ: وحيد ميمڻ) ڪنڊيارو ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ پسند شادي ڪندڙ نوجوان قتل، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڪچي واري علائقي ڪمالديرو ڀرسان بکري ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڇتو سولنگي ۾ پسند جي شادي تان هٿياربندن گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان زاهد سولنگي مارجي ويو، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، ڪافي وقت تائين مقتول نوجوان جو لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيو، جڏهن ته حد جي بکري پوليس اطلاع باوجود ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ نه پهتي، هوڏانهن پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مقتول نوجوان زاهد سولنگي ڪجهه وقت اڳ انڙ برادري جي ناري سان پسند جي شادي ڪئي هئي، جيڪا علائقي جي معززن جي وچ ۾ اچڻ بعد واپس ڪرائي وئي هئي، ڪالهه هٿياربندن گهر تي حملو ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف مقتول زاهد جي ڀاءُ شاهد سولنگي ميڊيا کي موقف ڏيندي ٻڌايو ته ٽي سال اڳ منهنجي ڀاءُ لاڙڪاڻو ڀرسان ڳوٺ سمائي انڙ مان پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن تان ناري جا وارث سخت ناراض هئا، جڏهن ته راڄوڻي بعد ناري کي وارثن حوالي ڪيو ويو هو، هن چيو ته ٽن سالن بعد اوچتو هٿياربندن گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي ۽ ڀاءُ کي قتل ڪيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو  ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.