ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺ ڪوڙو سولنگي ۾ انتها پسندي کان آجي سنڌ جي سري هيٺ سگهڙ ڪچهري ڪوٺائي وئي، سگهڙ ڪچهري ۾ سنڌ جي ناميارن سگهڙن قربان سولنگي، نذير سولنگي، سومر سولنگي، آچر ۽ ٻين ڏور بيت،۽ ٻيون صنفون ٻڌائي ڪچهري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، ان موقعي نذير سولنگي، سومر سولنگي، آچر سولنگي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ جي ثقافت صديون پراڻي آهي، پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سرواڻ علي قاضي ايڪتا ڏهاڙو ملهائي سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو آهي، سنڌ ۾ مذهبي انتها پسندي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، ٽائيم نيوز انتها پسندي کان آجي سنڌ جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙي جو اعلان ڪري سنڌ واسين جون دليون کٽي ورتيون آهن.