ڪنڊياري (ن پ ا) ڪنڊياري ٿاڻي جي ڳوٺ ٽوهه خان سولنگي ۾ 17 سالن جي گُل زادي ولد خير محمد سولنگي مبينا طور پاڻ تي بندوق جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو. نينگريءَ جي ڀائرن غلام قادر ۽ غلام نبي سولنگي چيو ته ڪنڊياري ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٽوهه خان سولنگي ۾ گھريلو اڻبڻت تان 17 سالن جي ڀيڻ گل زادي ڌيءَ خيرمحمد سولنگي ڪمري ۾ دروازو بند ڪري پنهنجي پاڻ تي بندوق جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي. ڪنڊياري پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سانگھڙ کڻائي وئي. ان موقعي تي ڪنڊياري ٿاڻي جي انچارج ٻڌايو ته ڇوڪري گُل زادي کي پري کان گولي لڳي آھي ۽ جاءِ واردات تي رت جا به نشان گهٽ آهن وڌيڪ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد ڪجهه ٻڌائي سگھبو. ٻئي پاسي نينگريءَ جي پيءُ خير محمد سولنگي چيو ته بندوق پيتي ۾ پيل ھئي ۽ پيتي جون چاٻيون پڻ نينگري وٽ ھونديون ھيون اسان ڪم ڪار سان نڪري ويا ھئاسين واپس گھر پھتاسين ته واقعو اڳ ئي پيش اچي چڪو ھو. جڏھن ته علائقي ۾ ڇوڪري کي قتل ڪرڻ جا چوٻول آھن.