ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪمال ديرو جي ڪچي واري علائقي بکري ٿاڻي جي حد ۾ سامٽيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان فائرنگ ٿيڻ سبب مبينا گولي لڳڻ ڪري هڪ ڄڻو 40 سالن جو الياس سامٽيو مارجي ويو جي مارجي ويل جو لاش ڪيترائي ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل رهيو جڏھن فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو جنهن سبب خون ريزي جو امڪان پڻ وڌي ويو، پوليس پاران وڌندڙ ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا بعد ۾ سوشل ميڊيا تي خبرون هلڻ کانپوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهتي جتان مارجي ويل الياس سامٽيو جو لاش تحويل ۾ وٺي رورل هيلٿ سينٽر ڪمالديرو آندو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، وارثن الزام هنيو ته مشتاق ، سجاد ۽ محب سامٽيو اسان جي نوجوان کي ماريو آھي.