ڪنڊياري جي ڪچي ۾ تڪرار روڪڻ لاءِ آپريشن، ڪيئي ٺڪاڻا تباهه، 9 ڄڻا گرفتار

0
22
ڪنڊياري جي ڪچي ۾ تڪرار روڪڻ لاءِ آپريشن، ڪيئي ٺڪاڻا تباهه، 9 ڄڻا گرفتار
ڪنڊياري جي ڪچي ۾ تڪرار روڪڻ لاءِ آپريشن، ڪيئي ٺڪاڻا تباهه، 9 ڄڻا گرفتار

ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان ڪمال ديرو جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪلهوڙا لاکير زميني تڪرار کي روڪڻ لاءِ ايس ايس پي نوشهروفيروز جي اڳواڻي ۾ آپريشن ڪيو ويو، پوليس موجب آپريشن دوران غيرقانوني راڪيٽ لانچر سميت ٻيا هٿيار هٿ ڪيا ويا، آپريشن ۾ ڊرون ڪئميرائن جو به استعمال ڪيو ويو، آپريشن صبح کان شام تائين جاري رهيو، آپريشن ۾ ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين جا ٺڪاڻا تباهه ڪري لوڙهن کي باهيون ڏنيون ويون، جڏهن ته 9 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب آپريشن دوران جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ پڻ ڪئي، ايس ايس پي چيو آهي ته ڏوهارين خلاف ڪارروائيون تيز ڪيون ويون آهن، ڪو به ڏوهاري پوليس ڪارروائي کان بچي نه سگهندو.