ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارَي جي ڳوٺ جواڻ سولنگي جو رهواسي نياز سولنگي 4 ڏينهن کان لاپتا ٿي ويو آھي وارثن پاران سندس اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آھي درٻيلو ڀرسان ڳوٺ جواڻ سولنگي جو رهواسي نياز سولنگي گذريل 4 ڏينهن کان لاپتا آهي. سندس وارثن موجب نياز سولنگي گھر وارن کي اهو چئي نڪتو هيو ته هو حيدرآباد وڃي رهيو آهي پر ان کان پوءِ سندس جو ڪو به رابطو نه ٿي سگهيو آهي وارثن پاران سندس اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي نياز سولنگي جي وارثن پاران پوليس ۽ علائقي واسين کان نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آھي ته هن جي زندگي بابت ڳڻتي وڌي رهي آهي انڪري واسطيدار ادارا فوري طور تي قدم کڻن.