ڪنڊيارو (ن پ ا) محرابپور جي ڳوٺ قاسم وگهيو واسي پيرسن عورت سڪينا پنهنجي پٽ رياض سان گڏ برادري جي بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو، هن دانهيندي چيو ته ڪجهه مهينا اڳ برادري جي بااثرن گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي ۽ نياڻي ماريا تي تي تشدد ڪري کيس اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته بااثرن گوليون هڻي رياض کي زخمي ڪيو، جنهن جو محرابپور ٿاڻي تي نشان، دانش ۽ سخاوت تي ڪيس داخل آهي، هن چيو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار اسان کي هراسان ڪري رهيا آهن، بااثر اسد ۽ ٻيا ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪيون پيا ڏين، هن چيو ته محرابپور ۽ لاکا روڊ پوليس جوابدارن جي ونگارو بڻيل آهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.