ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ علڻ ڪليري جي رهواسي ناري شائسته ڪليري پنهنجي امڙ سان گڏ مڙس جي مبينه ظلمن خلاف نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي شائسته ڪليري دانهيندي ٻڌايو ته هو غريب مسڪين آهي، پنج سال اڳ هن راحت ڪليري سان شادي ڪئي هئي، هن الزام هڻندي چيو ته شادي جي شروعاتي ڏينهن کان مڙس مون سان سٺو رويو نه رکيو، شادي جي ڪجهه ڏينهن بعد هن مون کي مارڪٽ شروع ڪئي ۽ هن منهنجو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو، پر هن گهر نه ڦٽائڻ خاطر مڙس کي نه پئي ڇڏڻ چاهيو، هن الزام هڻندي چيو ته هاڻ مڙس مون تي روزانو تشدد ڪري رهيو هو، جنهن ڪري هو مڙس جي ظلمن کان تنگ اچي وئي آهي، مون کي مارڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، مان ٻن سالن کان امڙ جي گهر ۾ رهائش پذير آهيان، هن الزام هڻندي چيو ته گذريل ڏينهن مڙس هٿياربندن جو گهر تي حملو مون تي تشدد ڪيو ويو، اهڙي دانهن حد جي ڪمال ديرو ٿاڻي تي کڻي وياسين پر ڪمال ديرو پوليس داد رسي نه ڪئي، پوليس بااثر مڙس جي ونگارو بڻجي وئي آهي، هن جو چوڻ هو ته مڙس جي ظلمن کان تنگ اچي هن طلاق لاءِ ڪنڊيارو جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، هاڻ ڪيس تان به هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪايو پيو وڃي، هن ڊي ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بااثر مڙس خلاف قدم کڻي کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ هو ايس ايس پي نوشهروفيروز جي آفيس اڳيان پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏينديون.