ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ پبلڪ لائبريري ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف شاگردن ٽائون ڪاميٽي کان احتجاجي ريلي ڪڍي ٽي ايم او آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي الاهي بخش، شهباز علي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پبلڪ لائبريري جا مسئلا حل نه ٿا ڪيا وڃن، جنهن ڪري شاگرد پريشان آهن، هنن جو چوڻ هو ته لائبريري ۾ هن وقت فرنيچر جي کوٽ آهي، دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهيون، پر ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو نه آهي، هنن مطالبو ڪيو ته پبلڪ لائبريري جا مسئلا حل ڪري شاگردن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.