ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ رهواسين قاري گهانگهرو، عزيز گهانگهرو، جاويد مڱريو، سڄڻ پيرزادو ۽ ٻين پاران سکر گڊو  بئراج ايريگشن جي  چيف،  سندس ڀاءُ ۽ ڀائيٽي جي زيادتين خلاف نيشنل پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته  سکر گڊو بئراج ايريگيشن جي عملدارن  جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هنن الزام هنيو ته آبپاشي عملدارن نوڪريون وٺي ڏيڻ بهاني اسان کان پئسا ورتا آهن، هاڻ نه نوڪريون پيا ڏين، نه ئي وري پئسا واپس پيا ڪن، هنن چيو ته 7 ماڻهن کان ايريگشن کاتي ۾  نوڪرين وٺي ڏيڻ  جي آڙ ۾ لکين رپيا ورتا ويا آهن، مظاهرين دانهيندي چيو ته آبپاشي عملدار شهر کي ٻوڙڻ چاهين ٿا،  روهڙي ڪئنال جي بندن ۾ گهارا پئجي رهيا آهن پر انهن کي مضبوط ڪرڻ وارو ڪير ناهي، نوٽيس وٺي ڪرپشن جي جاچ ڪرائي وڃي.