ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو تعلقي اندر عدالتي حڪم باوجود ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضا ختم نه ٿي  سگهيا، ان سلسلي ۾   ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ  لاءِ اڄ کان آپريشن ڪيو ويندو، ڊي ايف او نوشهروفيروز عابد رند موجب ته تعلقي اندر ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ اڄ کان آپريشن شروع ڪيو ويندو، آپريشن دوران ٻيلو ڀئنور ۽ ٻيلو محبت ديرو ۾ سيڪورٽي رسڪ آهي، جنهن لاءِ رينجرز جي مدد لاءِ  ڊي جي رينجرز ۽ گهرو کاتي کي آگاهه ڪرڻ لاءِ ٻيلي کاتي جي اعليٰ عملدارن  خط لکيو ويو آهي. ڪچي ۾ آپريشن بعد عارضي پوليس پڪٽون قائم ڪيون وينديون جيڪي پڪٽون ٻه مهينا هونديون.