ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ شھر جي مختلف بازارن جي دڪاندارن مختيارڪار پاران ڪيل زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري شهر جي اسٽار چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي وينش ڪيولاڻي، حافظ سڪندر ڏيپر، نند لعل، عدنان قريشي، ظفر کوسو، حبدار ميربحر ۽ ٻين چيو ته وقتي اي سي ۽ مختيار ڪار دخليون هٽائڻ بدران ريڙهي ۽ صندل وارن ۽ ننڍن دوڪاندار تي 5 – 5 هزار ڏنڊ هڻي ناانصافي ڪئي، احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته سمورو شھر ناجائز حددخلين جي ور چڙهيل آهي، انتظاميا رڳو غريب مسڪين دڪاندارن کان ڏنڊ وصول ڪري رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.