ڪنڊيارو(رپورٽ: ڪامران سهتو) ڪنڊيارو ۾ آل سنڌ بيڊمنٽن ٽورنامينٽ جو فائنل جاسم نانگراج ۽ انيس چنڙ تي ٻڌل جوڙي کٽي ورتو. بيڊمنٽن ٽورنامينٽ ۾ 22 کان وڌيڪ ٽيمن حصو ورتو، فائنل ۾ ڪنڊيارو جي ٽيم جاسم نانگراج ۽ انيس چنڙ جو مقابلو محرابپور جي شايان ۽ عثمان جوڙي سان ٿيو. جاسم ۽ انيس چنڙ 21 پوائنٽس حاصل ڪري ميدان ماري ورتو، جڏهن ته مخالف ججوڙي 13 پوائنٽس حاصل ڪيا.