ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو جي ڪچي واري علائقي ۾ پپري ٿاڻي جي پوليس وٽان چوري ڪيس ۾ گرفتار ٿيڻ بعد رمانڊ ورتل جوابدار مجن عرف مجو ملاح ھٿڪڙين سميت فرار ٿي ويو، جنهن بعد پپري پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو، پپري ٿاڻي تي 27 مارچ تي ڳوٺاڻن پاران مجن ملاح تي چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، فرار ٿيل جوابدار ڪمال ديرو ڀرسان ڳوٺ ڪمن مهيسر جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي، ذريعن مطابق پپري ٿاڻي تي لاڪ اپ نه هجڻ ڪري کيس پوليس خانگي جاءِ تي رکيو هو، جتان هو فرار ٿي ويو، آخري اطلاعن تائين پوليس فرار ٿيل جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي هئي.