ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ حاجي خان گوپانگ ۾ هٿياربندن ذاتي دشمني تحت نوجوان راشد گوپانگ کي قتل ڪري ڇڏيو، قتل ٿي ويل نوجوان جو لاش تعلقه اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارث گهر کڻائي ويا، هوڏانهن قتل ٿي ويل نوجوان جي امڙ حاجاڻي جي فرياد تي 3 سڃاتلن ۽ 2 اڻ سڃاتلن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، فريادڻ ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته منهنجي ڌي مسمات راشده کي جوابدار شعبان ڪلهوڙو فاروق ۽ 2 اڻ سڃاتل وارا اغوا ڪري جوابدار شعبان سان ڪورٽ ۾ شادي ڪئي، ان ڳالهه تان منهنجو پٽ جوابدار شعبان وارن سان ناراض هو انهي ڳالهه تان جوابدار شعبان ۽ ٻين پاڻ ۾ هم صلاح ٿي منهنجي پٽ شعبان رائيفل جو فائر ڪري قتل ڪيو آهي ايس ايڇ او مطابق ڳوٺاڻو قتل ٿيو آهي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.