ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊياروپوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب ريگيوليٽر موري وٽان هٿياربندن شهري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪئي ته مقابلو ٿيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار ذوالقرنين شاهه کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ٻيا جوابدار فرار ٿي ويا، پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدار ڪيترن ئي ڏوهن ۾ ملوث آهي، جوابدار وٽان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي، جڏھن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.