ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو جي ڳوٺ پريل سرگاڻي واسي هوٽلن تي تيل مالش ڪندڙ پورهيت خالد سرگاڻي هتي احتجاج ڪندي چيو ته سندس گهر واري مسمات بابرهه ۽ 2 ٻار ٽن مهينن کان گم آهن، جن جو ڳولا باوجود پتو پئجي ناهي سگهيو، هن چيو ته هو پنهنجي گهر واري ۽ ٻن نياڻين سان گڏ سيوهڻ جي ميلي تي ويو هو، جتان گهر واري ۽ 2 نياڻين کي سيد اغوا ڪرايو آهي، جنهن جو اطلاع حد جي سيوهڻ ٿاڻي تي ڏنو پر پوليس هن مهل تائين گهر واري ۽ نياڻين کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي، هن چيو ته سندس گهر واري ۽ نياڻين کي سيد اغوا ڪرايو آهي، هن وس وارن کان نوٽيس وٺي گهر واري ۽ نياڻين کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.