ڪنڊيارو(اسپورٽس نيوز): ڪنڊيارو پريمئر ليگ جون ميچون ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو ۾ هلندڙ آهن، ڪالهه ٽئين ڏهاڙي تي واريئرس ڪرڪيٽ ٽيم ۽ گيلڊيئيٽرس ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ميچ کيڏي وئي، ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي واريئرس ڪرڪيٽ ٽيم مقرر 10 اوورن ۾ 141 رنسون اسڪور ڪيون، امجد ڪنڀر 64 رنسن سان نمايان رهيو، جوابي بيٽنگ ڪندي گليڊيئيٽرس ڪرڪيٽ ٽيم ستين اوور ۾ 61 رنس تي ڍير ٿي وئي، عبيد ڏاهري کي 4 وڪيٽون وٺڻ ۽ 3 ڪيچ پڪڙڻ تي مين آف دي ميچ انعام ڏنو ويو، پريميئر ليگ جي چوٿين ميچ سڀاڻي (اڄ) مارخور ڪرڪيٽ ٽيم ۽ هيروز ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.