ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو لڳ قومي شاهراھه تي ڊگري ڪاليج موڙ وٽ ھڪ تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جڏھن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو فوتي جو مڙھه ۽ زخمي کي تعلقه اسپتال ڪنڊيارو آندو ويو، جتي فوتي جي سڃاڻپ عبدالغني سولنگي طور ٿي جڏهن زخمي جي سڃاڻپ پيارو سولنگي طور ڪئي وئي، جتان فوتي جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن زخمي جو علاج جاري هلندڙ هئو، ٻئي طرف ڪار سوار ڪار ڇڏي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.