جهڏو(ن پ ا) ڪنڊيارو جا رهواسي قائم خاني برادري سان تعلق رکندڙ خاندان نئون ڪوٽ شادي ۾ شرڪت لاءِ اچي رهيو هو ته جهڏو بائي پاس روڊ تي ڀاڳو فقير قبرستان وٽ تيز رفتاري سبب ڪار ڪلٽي ٿي کاهي ۾ ڪري پئي، حادثي جي نتيجي ۾ 30 سالا عورت ريمان زال خالد قائم خاني فوت ٿي وئي، جڏهن ته ياسين، يامين، آمنا، شهناز سميت 5 ماڻهو زخمي ٿي پيا، فوتي عورت جي لاش ۽ زخمين کي جهڏو آر ايڇ سي منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران زخمين کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو آهي.