ڪنڊيارو(ن پ ا)ڪنڊيارو ويجهو قومي شاهراهه تي ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب 70 سالا پيرسن محمد دائود گهانگهرو فوت جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، اطلاع ملڻ تي فوتي جي مڙهه کي تلعقه اسپتال ڪنڊيارو آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارث ڳوٺ کڻائي ويا، جڏهن ته زخمي کي طبي امداد بعد گهر روانو ڪيو ويو، ٻئي طرف ٽرالر ڊرائيور ٽرالر سميت فرار ٿي ويو.